عمران خان هميشه خاور مانيڪا جي غيرموجودگي ۾ بشريٰ بي بي جي گهر ايندو هو: گهريلو ملازم جو بيان

0
145

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جي ملازم جو بيان قلمبند ٿي ويو، عدالت ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ بابت دليل طلب ڪري ورتا

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج  قدرت الله غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، درخواست گذار جو وڪيل رضوان عباسي پيش ٿيو

عدالت ۾ گواهه محمد لطيف جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا نه هجڻ بابت دليل طلب ڪيا ويا

محمد لطيف بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته عمران خان بشريٰ بي بي جي گهر ايندو ويندو هو ۽ هو بشريٰ بي بي سان گڏ ڪمري ۾ هليو ويندو، مان بشريٰ بي بي جي ڪمري ۾ ويندو هيس ته پي ٽي آءِ اڳوڻو چيئرمين مون کي ڇهڙٻون ڏيندوهو، مون کي ٻئي چوندا هئا ته ڪمري کان ٻاهر هليو وڃ

هن چيو ته خاور فريد مانيڪا سان گڏ گذريل 35 سالن کان گهريلو ملازم آهيان، پراڻو ملازم آهيان ان جي ڪري ان جو مون کان ڪنهن قسم جو پردو نه آهي، ان جا ٻار به منهنجي هٿن ۾ پليا وڏا ٿيا، مان گهر جي فرد وانگر آهيان، خاور مانيڪا جي پاڪپتن شريف، لاهور ۽ اسلام آباد بني گاله ۾ گهر آهن

گواهه چيو ته خاور مانيڪا ڪسٽم ۾ ملازم هو، مختلف جاين تي ان جي پوسٽنگ ٿيندي رهندي هئي، ان جي فيملي لاهور يا اسلام آباد ۾ رهندي هئي، پي ٽي آءِ اڳوڻو چيئرمين خاور مانيڪا جي بني گاله گهر ۾ 2015 ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو، 2015 ۾ ڪڏهن ڪڏهن، 2016-2017 ۾ خاور مانيڪا جي گهر اچڻ وڃڻ وڌيڪ ٿي ويو

محمد لطيف موجب پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين هميشه خاور مانيڪا جي غيرموجودگي ۾ ان جي گهر ايندو هو، خاور مانيڪا کي جڏهن بشريٰ بي بي سان ڳالهائڻ هجي ته ان جي فون تي ڪالهه ڪري، بشريٰ بي بي جو فون بند هوندي هئي ته منهنجي نمبر تي ڪال ڪندو هو ۽ مان ان جي ڳالهه ڪرائيندو هيس، ان واقعن بعد خاور مانيڪا ۽ بشريٰ بي بي جا پاڻ ۾ جهيڙا شروع ٿي ويا

گواهه بيان ۾ چيو ته 2017ع جي آخر ۾ خاور مانيڪا بشريٰ بي بي کي طلاق ڏني، ڪيترائي ڀيرا پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي خاور مانيڪا جون فون اچڻ ۽ ان جي چوڻ تي گهر کان ڪڍيو، جڏهن خاور مانيڪا جي ڳالهه ڪرائڻ بشريٰ بي بي وٽ اندر ويندو هيس ته مون کي ڇڙٻ ملندي هئي، جيڪڏهن خاور مانيڪا نه هجي ها ته شايد بشريٰ بي بي مون کي نوڪري مان به ڪڍي ڇڏي ها