گهوٽڪي (رپورٽ ماجد سنگهڙ) علي گوهر مهر جا اتحادين سان رابطا، پ پ مخالف اتحاد کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ مشورا شروع ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر وزيراعظم سان ملاقات بعد پ پ مخالف اتحاد لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ذريعن موجب علي گوهر مهر پنهنجي اتحادين سان رابطا ڪري پ پ مخالف اتحاد کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ مشورا پڻ ڪيا آهن. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي علي گوهر خان مهر پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي آهي پر ان اڳ ۾ به 6 ,7 ملاقاتون ٿيون آهن وزيراعظم سان سنڌ جي مسئلن تي ڳالهيون ٿيون آهن، گهوٽڪي ضلعي جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان پڻ ڳالهھ ٻولھه ٿي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ايم پي اي مير شهريار شر هاڻ پي پي ۾ شامل ٿي چڪو آهي باقي صوبائي وزير عبدالباري پتافي جو ڀاءُ مير ھالار خان پتافي ۽ نادر اڪمل خان لغاري اسان جي گروپ ۾ آهن جلد هڪ گڏجاڻي به ٿيندي جنهن ۾ مستقبل لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. سردار علي گوهر خان مهر چيو ته گونر جي عهدي ۾ ڪو پاور ناهي سياسي ماڻهو کي گورنر ٿيڻ به نه کپي تنهنڪري گورنر نه ٿيندس عمران اسماعيل منهنجو دوست آهي ان جي جاءِ تي گورنر نه ٿيندس جي ڊي اي جي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعظم جلد سنڌ اچي رهيو آهي جتي اسان سڀ اتحادي گڏ ملاقات به ڪنداسين ۽ هن ڀيري پيپلزپارٽي جي حڪومت نه هوندي عوام موجوده صوبائي حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي.