دادو: عرفان عرف ببلو چانڊيو ۽ زهران پاران سيشن جج دادو جي عدالت ۾ سهري ماستر رجب پنهور ۽ سندس پٽن کان تحفظ لاء سيشن جج دادو جي عدالت ۾ سيڪشن 22 اي بي تحت  درخواست داخل ڪئي هئي جيڪا عدالت رد ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي بيگو ديرو واسي پرائمري استاد رجب علي پنهور پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته 2018 ۾ عرفان عرف ببلو ڇانڊيو سندس وڏي ڌيء زهران سان ڪورٽ ميرج ڪئي پر مان خاموش رهيس وري 3 ، سالن کانپوء منهنجي 15 سالن جي ڌيء مرادان کي ورغلائي ساڻس شادي ڪري مونسان نا حق ڪيو آهي، مان پرائمري استاد آهيان ٻن ڌيئرن پاران عرفان عرف ببلو چانڊيو سان شادي ڪرڻ غير شرعي آهي ، مان ته پوءِ به خاموش رهيس، الٽو عرفان عرف ببلو ۽ ڌيء زهران منهنجي خلاف سيشن جج دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ۽ نوٽيس ملڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيس ۽ عدالت ۾ بيان ڏنو ته عرفان عرف ببلو چانڊيو منهنجي ٻن ڌيئرن سان شادي ڪئي آهي منهنجي بيان تي عدالت جاچ جا حڪم ڏنا ۽ جاچ ۾ ثابت ٿيو ته زهران ۽ مرادان منهنجون ڌيئر آهن.