اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه مسلسل گهٽجڻ باوجود پاڪستاني عوام کي رليف فراهم نه ڪيو. ميڊيا رپورٽن موجب هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ مسلسل لاٿ جاري آهي، گذريل 15 ڏينهن دوران ڪچي تيل جي قيمت 72 ڊالر في بيرل تائين رهي. پيٽرول جي وڌ کان وڌ قيمت 230 رپيا في ليٽر ٿئي ٿي. پيٽرول في ليٽر 272 رپيا آهي.