طالبان افغان فوج جي مارشل عبدالرشيد دوستم جي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي

0
451
افغان فورسز جو مارشل عبدالرشيد دوستم
طالبان افغان فوج جي مارشل عبدالرشيد دوستم جي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي

افغانستان جي صوبي جوزجان جي شھر شبر غان ۾ افغان طالبان ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ ويڙھ جاري آھي.
افغان ميڊيا جي رپورٽن موجب افغان فورسز سان ويڙھ کانپوءِ طالبان شبر غان شھر ۾ داخل ٿي وئي آھي.
رپورٽن ۾ چيو ويو آھي تھ طالبان شبر غان ۾ افغان فورسز جي مارشل عبدالرشيد دوستم جي گھر کي باھ ڏئي ڇڏي.
ٻئي پاسي طالبان ترجمان ذبيح اللھ مجاھد دعويٰ ڪئي آھي تھ شبر غان ۾ پوليس ھيڊڪوارٽر تي پڻ قبضو ڪري ڇڏيو آھي.
ياد رھي تھ افغان سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ ويڙھ ۾ تيزي کانپوءِ مارشل عبدالرشيد دوستن بھ ڪيترن ئي ميھنن کانپوءِ 4 آگسٽ جي رات ڪابل پھتو ھو جتي ھن شبر غان شھر جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اختيارين سان ملاقاتون بھ ڪيون ھيون.
عبدالرشيد دوستن جو تعلق بھ صوبي جوزجان سان آھي ۽ ھو شبر غان شھر جي ويجھو ئي پيدا ٿيو آھي.