ڪراچي: گهٽ وسيلن باوجود تعليم ۾ بهتري آڻبي: سردار شاهه جو بلاول سان ملاقات ۾ اظهار

0
447
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌي جي تعليم واري وزير سردار شاھ
ڪراچي: گهٽ وسيلن باوجود تعليم ۾ بهتري آڻبي: سردار شاهه جو بلاول سان ملاقات ۾ اظهار

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌي جي تعليم واري وزير سردار شاھ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو کيس چيو ته توهان کي ٻيون ڀيرو ٽاسڪ ڏنو پيو وڃي، تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون استعمال ڪريو. ڪابه قوم تعليم کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي حالت بھتر بڻايو.

هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته صحت وانگر بهتر تعليمي ادارا سنڌ ۾ قائم ٿين. سردار شاهه کيس چيو ته اسان پ پ جي منشور ۽ توهان جي هدايتن جي روشني ۾ سڀني کي تعليم جي سهولت فراهم ڪنداسين، گهٽ وسيلن ۽ وڌيڪ مسئلن جي باوجود ، تعليم جو نظام بهتر ڪيو ويندو.