اسد عمر تحريڪ انصاف ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري جنرل ۽ ڪور ڪميٽي جا عهدا ڇڏيا

0
367
اسد عمر تحريڪ انصاف ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
اسد عمر تحريڪ انصاف ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري جنرل ۽ ڪور ڪميٽي جا عهدا ڇڏيا

پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ڪور ڪميٽي جو عهدو ۽ رڪنيت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر جو چوڻ هو ته 10 مئي تي گرفتاري کانپوءِ قيد اڪيلائي ۾ آهيان. 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن جي سمورن ماڻهن مذمت ڪئي آهي، مان تفصيل ۾ وڃڻ چاهيان ٿو ته اهي واقعا ملڪ لاءِ خطرناڪ ڇو آهن. تنصيب جيڪي فوجين سان لاڳاپيل هئا انهن تي حملو ڪيو ويو

هن چيو ته 9 مئي جي واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن تي قوم اعتماد ڪري سگهي. ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.  بيگناهه ماڻهن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، ملوث جوابدارن کي سزا ملڻ انتهائي ضروري آهي

فوج ٻن ٽن جنرلن جو نالو نه آهي، اها لکين ماڻهن تي مشتمل هوندي آهي، جيڪي اسان جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. مان ٽن نسلن کان فوج ۾ رهيو آهيان ۽ مونکي ان تي فخر آهي.اسد عمر کي اڄ اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري پارٽي ۽ سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سياست ۽ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو