شھدادڪوٽ ( رپورٽر )  اردو پرائمري اسڪول ۾ استاد ساجد ڪمبوه پاران اسڪول ۾شاگردياڻين کي مبينا طور جنسي  هراسان ڪرڻ واري معاملي تي سيشن جج قمبر شهدادڪوٽ زاهد حسين ميتلو پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ حڪم ڏنو آهي. اهڙي حڪم تحت ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند اردو پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر طارق ستار ڀٽي کي آفيس گهرائي شاگردياڻين سان جنسي حراس مينٽ معاملي بابت لکت ۾ بيان پڻ ورتو. ڊي ايس پي کي بيان ڏيڻ بابت اسڪول جي هيڊ ماستر طارق ستار ڀٽي پڻ تصديق ڪئي  ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ خالد نور کوسو پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسڪول اندر شاگردياڻين سان جنسي حراسمينٽ واري واقعي تي نوٽيس وٺڻ لاءِ تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ڊپٽي ڊائريڪٽر تعليم پرائمري لاڙڪاڻو، ڊي اي او پرائمري تعليم قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين انتظامي آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون آهن. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ڊي ايس پي شهدادڪوٽ يار محمد رند ميڊيا کي ٻڌايو ته اردو اسڪول معاملي تي پوليس معاملي جي اڳ ئي جاچ ڪري پئي ۽ اردو اسڪول معاملو اجائي واويلا آهي اسان جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن اردو اسڪول جي شاگردياڻين سان جنسي حراسمينٽ خلاف تعليم بچايو جدوجهد ڪاميٽي جي  گڏجاڻي گهرائي وئي، جنهن ۾ تحريڪ کي تيز ڪندي چوٿين مرحلي ۾ واقعي بابت چيف جسٽس سنڌ، وزيراعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، تعليم جي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم سميت وس وارن کي نوٽيس وٺڻ لاءِ خط و ڪتابت ملاقاتون ڪرڻ۽ ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جا فيصلاڪيا ويا. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جيسيتائين معاملي جي عدالتي جاچ نه ڪرائي ويندي، تيسيتائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.