اسلام آباد (م ڊ) اپوزيشن ليڊر شهبازشريف کي لنڊن وڃڻ کان روڪيندڙ سب انسپيڪر رانا اعجاز کي 10 هزار رپيا انعام سان نوازيو ويو، لاهور ايئرپورٽ تي شهبازشريف کي روڪيندڙ ايف آءِ اي جي سب انسپيڪٽر کي تعريفي سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويو. سرٽيفڪيٽ موجب انسپيڪٽر رانا اعجاز پيشيواراڻي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، ذريعن موجب ايف آءِ اي اميگريشن جي سب انسپيڪٽر رانا اعجاز کي 10 هزار انعام به ڏنو ويو.