شاهه لطيف يونيورسٽي جي ڊي ايف ۽ يونين صدر ۾ تڪرار ختم، ٺاهه ٿي ويو

0
312
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي

سکر: شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس ۽ ملازم يونين جي صدر وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد مختلف يونيورسٽيز جي ملازم اڳواڻن وائيس چانسلر جي موجودگيءَ ۾ ڌرين ۾ ٺاھ ڪرائي ورتو. ڊائريڪٽر فنانس نثار احمد نوناري ۽ ملازم يونين جي صدر قلندر بخش بوزدار ۾ اختلاف ختم ٿي ويا. ذريعن موجب ملازم يونين جي صدر قلندر بخش بوزدار ڊائريڪٽر فنانس کان غير مشروط معافي گھري. ڳالھين ۾ آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي چيئرمين محمد علي گھانگھرو اھم ڪردار ادا ڪيو. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو پڻ ٻنھي ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ ۾ اڳڀرو رھيو. ڳالھين دوران آفيسر ايسوسئيشن جو صدر فرحان لطيف ميمڻ، ٽيچرس ايسوسئيشن جو صدر ميھون خان لغاري، جنرل سيڪريٽري اختيار گھمرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ڳالھين ۾ طئي ٿيو ته ڊائريڪٽر فنانس، قلندر بخش بوزدار، ثناءٌ اللھ مھر، محمد حسن سميت ٻين خلاف داخل ڪرايل ايف آءِ آر واپس وٺندو. مامري بعد ايمپلائيز يونين جي صدر قلندر بخش بوزدار کي معطل ڪيو ويو ھو اُن کي به بحال ڪيو ويندو. ڳالھين بعد ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي پيدا ٿيل اختلافن کي ختم ڪيو ويو.