ايف آءِ اي پ پ جي ٽن وزيرن سميت 15 ايم پي ايز کي طلب ڪري ورتو

0
1059
ايف آءِ اي پ پ
ايف آءِ اي پ پ جي ٽن وزيرن سميت 15 ايم پي ايز کي طلب ڪري ورتو!!

اسلام آباد: ايف آءِ اَي چيف جسٽس پاڪستان خلاف گُٿا لفظ استعمال ڪرڻ تان پ پ جَي ٽن وزيرن ۽ ايم پي ايز سميت 15 اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو، سائبر ڪرائيم سرڪل طرفان پ پ اڳواڻن کي 12 ۽ 13 آگسٽ تي طلبي جو نوٽيس جاري، طلب ڪيل پ پ جَي وزيرن ۽ اڳواڻن ۾ ناصر حسين شاهه، سعيد غني، شهلا رضا، ناز بلوچ، نفيسا شاهه، شاهدا رحماني، قادر خان مندو خيل، قادر پٽيل ۽ ٻيا شامل، ايف آءِ اَي موجب جوابدار مسعود رحمان عباسي جَي موبائيل فون مان ڄاڻايل اڳواڻن جَي رابطن جو رڪارڊ مليو، پ پ جَي مقامي اڳواڻ مسعود رحمان عباسي خلاف چيف جسٽس لاءِ گٿا لفظ استعمال ڪرڻ جو ڪيس ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو هو.