سڳيون: بند پيل اوطاق مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

0
273

سڳيون (ن پ ا) سڳيون ويجهو نواڙو شريف ۾ بند پيل اوطاق مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي صوڀوديرو پوليس پهچي 22ورهين جي سجاد پٽ گل حسن چنڊي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، واقعي جي جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.