سڪرنڊ ۾ ٻن سالن بعد ملاکڙي جو مها دنگل: ڪيئي پهلوان غش ٿي ويا

0
228

سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان بزرگ شهيد جيئو جنگ  جي 104 سالياني ميلي ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملاکڙو ڪرايو ويو. پهلوان سليم جمالي رياض لاشاري کي دسي ملهه ماري. خادم ملاح فدا چانڊيو کي ملهه ماري ڏاڍو ثابت ٿيو. شاهد ملاح چريو چانڊيو کي غش ڪري ڇڏيو. شاهد لاهوتي مولا بخش شيدي کي ملهه ماري، جڏهن ته نور محمد بروهي ، فدا ملاح ، لياقت چانڊيو پاران پڻ ملهه پهلوانن کي ملهون ماري خوب داد وصول ڪيو.درگاهه شهيد جيئو جنگ جي گادي نشين فقير فدا حسين چيو ته ڪورونا وبا سبب ٻن سالن کان عرس جو تقريبون نه ٿي سگهيون هيون. ميلا اسان جي ثقافت جو حصو آهن پر انساني زندگيون اهم هيون. ملهه ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عظيم خاصخيلي چيو ته ميلن تي بندش ملهه پهلوانن ڪافي تڪليف واري زندگي گذاري.