بخشاپور ڀرسان نوجوان ناري قتل، لاش گم

0
190
نوجوان ناري قتل، لاش گم

بخشاپور(ن پ ا) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڻو ۾  جوابدارن مبينا ڪارنهن الزام هيٺ 23 ورهين جي ناري مسمات ميمونا سومرو کي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو .

مقتولا جو والد اعجاز سومرو جو چوڻ آهي ته ميمونا کي جوابدار مڙس ذاڪر حسين، پي ۽ ڀائرن سان گڏجي بيگناهه ڪارنهن جو تهمت هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش کي گم ڪري ڇڏيو آهي.

بخشاپور پوليس جي ڏاڍي ڳولا باوجود ناري جو لاش هٿ ڪونه ڪري سگهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهيون جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.