سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نئون ڳوٺ ۾ محمد علي ميمڻ ويٺل ھمدردي سوسائٽي اطلاع ڏنو آھي ته منشي محرم علي دوڪان تان ڪيش کڻڻ لاءِ ويو ته ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ھڪ لک 20 ھزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٿرمل پاور هائوس واري علائقي ۾ نامعلوم ڦورن محمد عيدن ولد الهه وڌايو کان موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي واري علائقي ۾ نامعلوم چورن ڪاشف ولد اقبال ملڪ، آباد ٿاڻي جي حد سکر سوسائٽي واري علائقي ۾ عبدالرحمان ولد قمر الدين ڪاڪيپوٽو، سي سيڪشن ٿاڻي جي حد بندر روڊ واري علائقي جي رهواسي بابر علي جي موٽر سائيڪلز نامعلوم چور موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن.