سپريم ڪورٽ جو صحافين کي جاري ڪيل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو حڪم

0
99
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 ججز جو خط: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 ججز جو خط: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي تنقيد جي بنياد تي صحافين کي جاري ڪيل نوٽيس فوري طور واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 ايف آءِ اي جي طرفان صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ هلائي

 چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪندي چيو ته گارگند ڌار ڳالهه آهي پر ايف آءِ اي رڳو تنقيد جي بنياد تي ڪارروائي نه ڪري، اٽارني جنرل عدالت کي خاطري ڪرائي ته ڪنهن صحافي جي خلاف تنقيد تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويندي

 اٽارني جنرل سان مڪالمو ڪندي چيف جسٽس چيو ته تنقيد روڪڻ جي سخت خلاف آهيان، ڇو ته آزاد صحافت آئين ۾ آهي، منهنجو مذاق ڀلي اڏايو مون کي ڪو فڪر نه آهي پر عدليا جو مذاق اڏائيندا ته ملڪ کي نقصان هوندو، سپريم ڪورٽ تي تنقيد ضرور ڪيو پر آئين ۾ به ڪجهه حدون آهن

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان سمجهي رهيا آهيو ته تنقيد روڪي منهنجو يا سپريم ڪورٽ جو فائدو ڪري رهيا آهيو ته اوهان نقصان ڪري رهيا آهيو

چيف جسٽس چيو ته صحافي جيڪڏهن عدالتي فيصلن تي تنقيد ڪن ٿا ته ڀلي ڪن پر ڪنهن کي تشدد تي ڀڙڪائڻ يا ڏڦيڙ پکيڙڻ جو معاملو ڌار آهي، ڪنهن به صحافي يا عام ماڻهوءَ کي به تنقيد ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي، سپريم ڪورٽ تي تنقيد ڪرڻ تي ڪو به ڪيس داخل نه ٿيندو

 جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا ادارن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، فيئر تنقيد جو مسئلو ناهي پر جيڪا ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي اها غلط آهي