سون سستو، ڊالر مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي

0
379
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو

ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 500 رپيا تولو گهٽتائي ٿي وئي. ڊالر مهانگو ٿي ويو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي اچي وئي آهي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي

ڊالر اگهه ۾ اضافو ٿي ويو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي نظر آئي. في تولي جي قيمت 1200 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 13 هزار رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي 2 لک 11 هزار 800 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 2570 رپيا برقرار رهي

ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 19 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 996 ڊالر في اونس ٿي وئي. ڪالهه اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به هاڪاري ڏينهن رهيو. 100 انڊيڪس ۾ 422 پوائنٽن جو اضافو ٿيو ۽ 52 هزار 342 تي بند ٿيو

376 پوائنٽن جو بينڊ به آيو. 52 ڪروڙ 64 لک شيئرز جا 16 ارب 51 ڪروڙ رپين ۾ سودا ٿيا. مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن 57 ارب رپيا اضافي سان 7 هزار 609 ارب رپيا رهيو. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو جاري رهيو. انٽربينڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 3 پئسا مهانگو ٿي ويو. جيڪو 282 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ ڊالر 281 رپيا 47 پئسن جو هو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 30 پئسا اضافي سان 283 رپيا 30 پئسن ۾ وڪرو ڪيو ويو