سون جا وري نخرا، 2900 رپيا تولو مهانگو، چاندي جي اگهه ۾ به واڌ

0
202
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو
سون 1200 رپيا سستو: ڊالر 281 رپين تي پهتو

ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 2900 رپيا تولو واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 2 هزار 900 رپيا وڌي وئي

هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 33 هزار 500 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي 2 لک 36 هزار 400 رپين جوٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ به 20 رپيا تولو واڌ ٿي ۽ 2950 رپيا تولو مان وڌي 2970 رپيا تولو ٿي وئي

ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون مهانگو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 21 ڊالر واڌ ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 938 ڊالر في اونس ٿي وئي