سوال/سروي ڪورونا وائرس جي ڪري احتياط لازمي آهي، ڪاروبار ۽ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ گهرجن: عوام

0
147
سوال/سروي ڪورونا وائرس جي ڪري احتياط لازمي آهي، ڪاروبار ۽ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ گهرجن: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ انڊور شادين، کاڌو کائڻ ۽ راندين تي پابندي لڳائي وئي آهي جڏهن ته اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو حاضري جو فيصلو: بازارون ۽ آفيسون کليل رهنديون، حڪومت پاران اهڙين پابندين کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري سڀني کي احتياط ڪرڻ گهرجي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ گهرجي، حڪومت ڪاروبار بند نه ڪري، جيڪڏهن پابنديون لڳايون وڃن ته مزدورن جو خيال رکيو وڃي انهن لاءِ ڪو پيڪيج ڏنو وڃي، اسڪولن حاضري گهٽائڻ واري مامري تي عوام جي راءِ ورهايل رهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته احتياط وڏو علاج آهي، اسڪول 50 سيڪڙو وارو طريقو بهتر آهي، جيڪو سومر کان حڪم آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي،

حيدر سهندڙو لکيو ته عوام کي حڪومتي پابندين تي عمل ڪرڻ گهرجي، ممتاز علي سميجو لکيو ته اهي پابنديون صرف مهانگائي جي ستايل غريب عوام کي وڌيڪ پريشانين ۾ وجهڻ لاءِ آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هڪ ٻئي خلاف ڊرامائي انداز ۾ لانگ مارچ پيوم ڪن انهن لاءِ ڪي به پابنديون ناهن؟ تسليم ڪوري لکيو ته بلڪل صحيح فيصلو آهي پر ان تي عمل نه ٿيندو، ٻيو ته بازارون کليل هونديون ۽ صرف اسڪولن ۾ تعليم متاثر ٿيندي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، نه ڪي پوليس لاءِ روزگار کوليو وڃي،

الياس سمون لکيو ته حڪومت پابنديون لڳائي ٿي ٺيڪ آهي پر پابنديون صرف تعليم تي ڇو آهن، جلسا جلوسن لاءِ ناهن؟ نعمت الله راهمون لکيو ته روزگار هلڻ گهرجي، عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي،. محمد ايوب لکيو ته احتياط ڪرڻ لازم آھي پر ان سان گڏ ڏھاڙيدار۽ڪاروباري طبقي جو به خيال رکڻ گھرجي، آفاق علي جمالي لکيو ته ڪورونا جو ڊرامو آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته مسلمان جي ايمان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آھي، عامر کوسو لکيو ته تعليمي ادارا کيل رهن، غريبن ۽ مزدور طبقي لاءِ پيڪيج ڏنو وڃي، عابد ڀٽي لکيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري احتياط ڪرڻ گهرجي، حڪومت غريب مزدورن جو به سوچي، جنيد جمالي لکيو ته حڪومت کي عوام جو به سوچڻ گھرجي قھر جي مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، بابر حسين ڀٽو به راءِ جو اظهار ڪيو،

خاموش خليل شر لکيو ته اومي ڪرون وائرس نئون ايندڙ قسم بلڪل هاڃيڪار آھي ان لاءِ سڀني کي احتياط ڪرڻ لازمي هوندو،بازارن اسڪولن اسپتالن ۾ رش ھجڻ ڪري خطرناڪ عمل ٿي سگهي ٿو، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته احتياط ڪرڻ ٺيڪ آهي پر اسڪولن کي بند نه ڪرڻ گهرجي، گلاب خاصخيلي لکيو ته علاج کان احتياط بھتر آھي حڪومت جي ان فيصلي جي عوام کي آجيان ڪرڻ کپي، عنايت بروهي لکيو ته پابندي کان پھريان پلان ٺھڻ ضروري هوندو آهي، بکئي پيٽ تي رڳي لاڪ ڊائون سٺو ناھي، شاهد ڏاهري لکيو ته بلڪل درست آهي، اسڪول کليل رکن ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته عوام احتياط ڪري ڪونه ٿو رڳو پابندي لڳائڻ سان ڪجھه ڪونه ٿو ٿئي ان تي عمل ڪرايو وڃي،

اسامه سنڌي لکيو ته اسڪول کليل هجن، طارق باجڪاڻي لکيو ته احتياط ڪرڻ ۾ ئي بهتري آهي، مزدور طبقي جو وڌ کان وڌ خيال رکڻ گهرجي، عاشق ڀٽي لکيو ته عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي، محمد حنيف لکيو ته ڪجهه ماڻهوَ چوندا آهن بيماري ڪونهي بلڪل بيماري آهي انهيَ ۾ احتياط ضروري آهي، قدير حسين لکيو ته بلڪل انسان کي کپي ته احتياط ڪري، جاويد احمد لکيو ته ڪورونا آهي ته پوءِ ڌرڻو هڻڻ وارن کي گرفتار ڇو نٿو ڪيو وڃي، موهن لال لکيو ته سنڌ حڪومت پاران اومي ڪرون ويرينئٽ کان بچاءُ خاطر لڳل پابندين جي آجيان ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته عوام ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، شبير حسين ڀوت ۽ مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته احتياط ڪرڻ گهرجي، عرفان علي لکيو ته غلط فيصلو آھي، ظفر رند لکيو ته احتياط ضروري آھي پر انهي مقصد اهو ته ناهي بازارون کليل آھن گاڏيون کليل باقي اسڪول بند ڪري تعليم تباھ ڪندا، ناز ربنواز شر به سروي ۾ حصو ورتو،

آفتاب علي سولنگي لکيو ته بلڪل ڪرونا وائرس جي ايندڙ نئون قسم اومي ڪرون تمام تيزي سان سنڌ ۾ پکرجي رھيو آھي عوام کي گھرجي تي احتياط ڪن ۽ ڏنل ايس او پي تي سختي سان عمل ٿيڻ گھرجي، عرفان جروار لکيو ته غلط فيصلو آهي، حسين ٽانوري لکيو ته تعليم ۽ روزگار کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي، مجاهد رند لکيو ته بس ھاڻ ڇھين لھر جو انتظار ڪندا. عبدالله شيخ لکيو ته اسڪول بند ڪريو پيا ته مارڪيٽون به بند ڪريو، آفيسون به بند رهڻ کپن، ارشاد علي لکيو ته عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي، مبين اڄڻ، نياز سومرو، طارق حسين، ڪاشف ڪاشي، گل شير ميمڻ، حاجي خان پنهور، اقبال سميجو، علي احمد لغاري، اشفاق ملاح، خير محمد مگسي ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.