اشو آف دي ڊي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ سنگر نرملا ميگهاڻي جي ڌن “تو جهوم” ڪوڪ جي پروڊيوسر چوري ڪئي؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
136
اشو آف دي ڊي عمرڪوٽ سان تعلق رکندڙ سنگر نرملا ميگهاڻي جي ڌن “تو جهوم” ڪوڪ جي پروڊيوسر چوري ڪئي؟ سوشل ميڊيا تي ردعمل

عمرڪوٽ جي نئين سنگر نرملا ميگھاڻي دعوا ڪئي آھي ته ڪوڪ اسٽوڊيو جي تو جهوم واري ڌن منهنجي آهي. مون  موسيقار زلفي کي ‘تو جھوم ‘ واري ڌن موڪلي ھئي جنھنجو ھن ڪو جواب نه ڏنو هن چيو ته منهنجي ڌن چورائي ڪوڪ اسٽوڊيو جي گاني ۾ شامل ڪئي وئي آھي .نرملا ميگهاڻي جي اهڙي دعوا سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ نرملا جي حمايت ۾ پوسٽون شيئر ڪندي ساڻس انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

عابده پروين، نرملا ميگهاڻي، ڪوڪ اسٽوڊيوم جسٽس فار نرملا هيش ٽيگ ٽرينڊز هلايا ويا. ان سلسلي ۾ نارائڻ ڪولهي نرملا هڪ ٻيو گيت شيئر ڪندي لکيو ته نرملا عمرڪوٽ سان تعلق رکي ٿي هن جون 2021ع ۾ هڪ ڌن تيار ڪئي هئي جيڪا ڪوڪ اسٽوڊيو جي پروڊيوسر زلفي کي موڪلي هئي هن اها ڌن چوري ڪري سيزن 14 ۾ دنيا جي مشهور ڪلاڪار عابده پروين ۽ نصيبو لال ڳائي آهي، نرملا جي هڪ ڌن هي به آهي جيڪا هن پاڻ ڳائي آهي فيض احمد فيض کي ڳايو آهي. جنهن تي سعيد ميمڻ افسوس جو اظهار ڪيو، گلشن لغاري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي. مشهود قاضي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ ذلفي کي نرملا کان معافي وٺڻ ۽ کيس ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي، ام دانش لکيو ته سنڌ کي نرملا جو ساٿ ڏيڻ گهرجي خاص طور عابده پروين کي ان لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي.

غلام رسول سومرو لکيو ته نرملا ميگهاڻي سان انصاف نه ٿيڻ سر ۽ سنگيت جو ڪوس ليکبو، منور سومرو به اهڙي ڳالهه ڪئي، برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نرملا ميگهاڻي جي چوري ٿيل ڌن ۽ ڪوڪ اسٽوڊيو.. نرملا ميگهاڻي عمر ڪوٽ سان تعلق رکندڙ هڪ سنڌي نياڻي آهي، ٿر جي چڪر دوران هڪ اين جي او وارن سندس آواز ٻڌو ۽ گذريل سال لاهور ۾ فيض ميلي ۾ کيس ڳائڻ جو موقعو مليو، پروگرام جي آرگنائيزر کيس ڪوڪ اسٽوڊيو جي پروڊيوسر زلفي جو ڏس پتو ۽ فون نمبر ڏنو، نرملا ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ملي نه سگهي، آخر ۾ نرملا زلفي کي پنهنجون تيار ڪيل ڌنون جون 2021ع واٽس اپ ۾ موڪليون، ڇهن مهينن کان پوءِ ڪوڪ اسٽوڊيو جي ميوزڪ پروڊيوسر زلفي نرملا جي هڪ ڌن چورائي (تو جهوم جهوم) گانو رليز ڪيو نرملا ميگهاڻي سان انصاف ڪري تخليق جي چوري روڪي وڃي. جنهن تي اقرار پيرزادو ۽ امر فياض مهر لکيو ته اها بد ديانتي آهي، تاج رند لکيو ته نرملا ميگهاڻي کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺندي اسان هن ڇنڇر تي ٽوئٽر تي ٽرينڊ هلائي رهيا آهيون جنهن ۾ سڀني دوستن جي مدد جي ضرورت آهي. سنڌ جي نياڻي جي محنت جن به چوري ڪئي آهي انھن کان اهو مڃرائڻو آهي ۽ نرملا کي حق ڏيارڻو آهي.

#notocokestudioplagiarism_nirmala

ڇنڇر تي سڀ ساٿ ھجو ٽوئيٽر تي، سنڌو ڪنول لکيو ته هن سان انصاف ٿيڻ گهرجي، علي انور لکيو ته ڌن تو جهوم جوم يوٽيوب تي اٺن ڏينهن ۾ 10 لک ويوئر شپ، ساحل سڪندر لکيو ته نرملا کي معاوضو ڏنو وڃي، شهباز رند لکيو ته هن مسئلي ۾ عابد پروين يا نصيبو لال جي ڪا غلطي ناهي، عبدالله لانگاهه لکيو ته نا انصافي نامنظور، جئي ڪمار ميگهواڙ لکيو ته ڌن چوري ڪرڻ جي مذمت ڪجي ٿي. محمد ادريس راهوجو لکيو ته ايڏو وڏو دوکو، اهو ڪهڙي قسم جو آرٽسٽ آهي، مڪيش ڪمار لکيو ته نرملا سان نا انصافي ٿي آهي، غلام نبي راهمون لکيو ته حقيقت کي ڏسڻ گهرجي، ميهر علي مري لکيو ته انصاف ٿيڻ گهرجي، عمر سومرو لکيو ته جتي ڪٿي انڌير نگري آهي، قاسم جاني ٻگهيو، امرت راءِ ڪيسراڻي، راجپوت درشن، موهن راجستاني، زمان علي ميراڻي، مير خان، ڀورا لال مالهي، علي پنهور، سليم سليم، قادر ڀٽي به نرملا سان انصاف جي گهر ڪئي. سڪندر علي سيال لکيو ته ڪيس داخل ڪري ان جو معاوضو وٺڻ جو حق رکي ٿي.