سنڌ ۾ 20لک گهر ٺاهبا، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ گهر ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

0
279
سنڌ ۾ 20لک گهر ٺاهبا، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ گهر ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري
سنڌ ۾ 20لک گهر ٺاهبا، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ گهر ڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

بلاول تقريب کي خطاب دوران چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن کي اندازو ناهي ته عوام ڏُکيائين مان گذاري ٿو، ٻيون پارٽيون اميرن کي وزير بڻائينديون آهن

لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن کي اندازو ناهي ته عوام ڏُکيائين مان گذاري ٿو، ٻيون پارٽيون اميرن کي وزير بڻائينديون آهن، پ پ جي سوچ ۽ نظريو اُنهن کان مختلف آهي

لاڙڪاڻو ۾ ٻوڏ دوران تباهه ٿيل گهرن جي ڏاوات واري منصوبي جي تقريب کي خطاب دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ دوران تباهه ٿيل 20 لک گهر تعمير ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت ضرور لڳندو، اسان نه رڳو تباهه ٿيل گهر ٺاهي ڏينداسين، پر اُن جا مالڪاڻا حق به ڏنا ويندا

هن چيو ته پيپلز هائوسنگ انيشيئيٽوَ پروگرام تحت اهڙا گهر تعمير ڪيا ويندا جو اڳتي ٻوڏن ۾ اڻهن کي نقصان نه ٿيندو، پرڏيهي وزير لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو به جائزو ورتو

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ عملدارن پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي هائوسنگ اسڪيم بابت بريفنگ ڏني وئي

هن کي به پڙهندا

بلاول اڄ ٻوڏ متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏيڻ واري پروگرام جو افتتاح ڪندو

سنڌ جي 21 لک ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏينداسين: شرجيل ميمڻ