پيٽرول جي بحران جو خطرو ٽري ويو

0
182
پيٽرول جي بحران جو خطرو ٽري ويو
پيٽرول جي بحران جو خطرو ٽري ويو

پيٽروليم ڊيلرز حڪومت کي ڪالهه اهم ڌمڪي ڏني هئي پر اڄ حڪومت ڳالهيون ڪري پريشاني جو شڪار عوام لاءِ اهم اعلان ڪيو آهي

پيٽروليم جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ پيٽرول پمپ مالڪن وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي  ٿي آهي

پمپ مالڪن هڙتال جو اعلان ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، پيٽروليم ڊيلرز سڀاڻي کان ملڪگير هڙتال جو اعلان ڪيو هو

پيٽروليم ڊيلرز ائسوسيئيشن چيو آهي ته حڪومت مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، تنهنڪري هڙتال جو اعلان ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو اٿئون

حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز وچ ۾ ٻن ڏينهن بعد ٻيهر ڳالهيون ٿينديون، ڊيلرز ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن حڪومت سندن مطالبا نه مڃيا ته سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپس بند ڪيا ويندا

هن کي به پڙهندا

حڪومت کي پيٽرول پمپس بند ڪرڻ جي ڌمڪي