ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون ۽ ڊالر ۾ هڪ ڏينهن جي وٿي بعد تيزي: ڊالر291 ۽ سون  222900 رپين تي پهتا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1900 رپيا واڌ سان 221000 مان 222900 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون  12 ڊالرن جي لاٿ سان 1960 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 20 رپيا واڌ سان 2910 مان 2930 رپيا في تولو ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڏيڍ رپيو واڌ سان 289.5 مان291 ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.66 رپيا واڌ سان 286.81 رپيا تي پهتو، ٻئي طرف يورو 3 رپيا اضافي سان  323 مان 326 رپين  ٿي ويو