سنڌ ۾ ڪاڙهي جي گرمي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار به جاري

0
259
ڪراچي ۾ اڄ کان ٽن

ڪراچي(نمائيندن وٽان) سنڌ ۾ ڪاڙهي جي گرميءَ دوران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي بندش جو آزار نه گهٽيو، ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو آزار جاري، ملير، قائد آباد، گرين سٽي، ماروي ڳوٺ، جمشيد ڪوارٽرز، پٽيل پاڙو، گُلبرگ، ناگن چورنگي، کارادر، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب، شهر جي مختلف علائقن ۾بجلي جي اکٻوٽ به شهرين جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو، حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، نوشهروفيروز، بدين، ٿرپارڪر ۽ مٽياري سوڌو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي بندش جو سلسل جاري آهي، حيسڪو ۽ سيپڪو جي اڻ اعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون مُنجهائي ڇڏيون، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ شهرين واهن ۽ شاخن ۾ وهنجي پاڻ کي گرمي جي شدت کان بچائڻ لڳا.