سنڌ ۾ سڀاڻي عام موڪل هوندي، نوٽيفڪيشن جاري

0
85

سنڌ جي نگران سرڪار پاران شهيد بينظير ڀٽو جي سورهين ورسي جي موقعي تي سڀاڻي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي

نگران وڏي وزير سڀاڻي عام موڪل جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير جي ترجمان موجب سڀاڻي سمورا سرڪاري ادارا، لوڪل ڪائونسلز، ڪارپوريشنز ۽ تعليمي ادارا بند رهندا

نگران حڪومت پاران عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

پيپلزپارٽي پاران شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ۾ سڀاڻي جلسو ڪيو ويندو

جلسي لاءِ ڳڙهي خدابخش ۾ پنڊال سجائڻ جون تياريون جاري آهن