سنڌ حڪومت پاران درگاهون 31 مئي تائين بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري

0
398

ڀٽ شاهه: گهرو کاتي پاران سنڌ جون درگاهون 31 مئي تائين بند رکڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ سنڌ حڪومت طرفان 16 مئي تائين درگاهون بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، نوٽيفڪيشن جو مدو پورو ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. هاڻ حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي، لعل شهباز قلندر، عبدالله شاه غازي، سچل سرمست ۽ ٻيون درگاهون 31 مئي تائين بند رهنديون. سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي بعد عقيدتمندن ۾ ٻيهر مايوسي پکڙجي وئي آهي.