سنجرچانگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ: شهيد ببلو اي ۽ نوحاڻي اليون فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
123
سنجرچانگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

سنجرچانگ (اسپورٽس نيوز) سنجرچانگ پنجون شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو نائٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا 2 سيمي فائنل مقابلا ٿيا. پهرين سيمي فائنل ۾ نوحاڻي اليون پهرين بيٽنگ ڪندي 7 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 116 رنز ٺاهيون، جواب ۾ گالا اسپورٽ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 93 رنز تائين محدود رهي

نوحاڻي اليون 23 رنز تان ڪاميابي حاصل ڪري فائنل ۾ پهچي وئي، ٻي سيمي فائنل ۾ شهيد ببلو اليون B ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 7 اوورن ۾ ٻن وڪيٽ جي نقصان تي 113 رنز ٺاهيون، جنهن ۾ حفيظ 33 ۽ اقبال خان 32 رنز ٺاهي نمايان رهيا، جواب ۾ شهيد ببلو اليون اي ڇهين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي گهربل  هدف پورو ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو عابد ڪي ڪي 51 رنز ٺاهي نمايان رهيو. شهيد ببلو اليون اي سنجرچانگ ۽ نوحاڻي اليون وچ ۾ سڀاڻي فائنل ميچ کيڏيو ويندو