سر وڍجي وڃي جاگيرداراڻو سسٽم ختم ڪري رهنداسين، سردارن خلاف اعلان جنگ ٿيڻ گهرجي: سياسي سماجي اڳواڻ

0
238
سر وڍجي وڃي جاگيرداراڻو
سر وڍجي وڃي جاگيرداراڻو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميهڙ جي شهيدن جي 6هين ورسي، ام رباب پاران اذان انقلاب ڪتاب لکي جاگيرداري سسٽم جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪري ورتو

ام رباب جو چوڻ هو ته جاگيرداري سسٽم جي خاتمي لاءِ جيڪڏهن سر به قربان ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، ڪالهه ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ميهڙ ۾ ام رباب جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل جي 6هين ورسي جي موقعي تي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان، ڪراچي بار جو صدر عامر وڙائچ، بئريسٽر صلاح الدين پنهور، قانوندان شهاب اوستو، شهزادي راءِ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ام رباب جي اذان انقلاب جي عنوان سان ڪتاب جو مھورت ڪيو ويو

تقريب کي خطاب ڪندي ام رباب جو چوڻ هو ته مون تمام ڏکيو سفر طئي ڪيو آھي، ھڪ ڏينھن ۾ 3-3 لاش کنيا آھن، ھي سرداري نظام ناسور بنجي چڪو آھي، ھن جو خاتمو ضروري آھي، هن وڌيڪ چيو ته روح زمين تي ٻہ قومون آھن ھڪ مظلوم ٻيو ظالم، توھان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته توھان مظلوم سان گڏ آھيو يا ظالم سان گڏ آهيو، ھر ھڪ نوجوان ھن اذان انقلاب ڪتاب کي پڙھي ته جيئن سردارن ۽ جاگيردارن خلاف جنگ جو اعلان ڪري سگهجي، پروگرام جي پڄاڻي تي جاگيردار نظام خلاف ام رباب نعرا به ھڻايا

ان موقعي تي نامياري قانوندان شھاب اوستو ڳالهائيندي چيو ته هن ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو آهي جتي ماڻھو جانورن کان به بدتر زندگي گزاري رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي آھي، جتي ماڻھن کي ڪاروڪاري سميت دنيا جي ھر برائي ۾ ڦاسائي انسانن کي جانور بڻايو ويو آھي، مين اسٽريم جا ماڻھو جن ۾ پيپلز پارٽي سميت مختلف پارٽيون شامل آھن انھن وڏيرن کي طاقتور بڻايو آھي

سندس چوڻ هو ته اڄ جيڪڏھن اسان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پوليس ۽ ايجنسيون ھٿ کڻي وڃن ته ھي وڏيرا زيرو ٿي ويندا، سنڌ جا وڏيرا طاقتور ناھن، ھنن کي طاقتور بڻايو ويو آھي، وڏيرو پنھنجي پسند جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي لڳائيندو تہ ظاھر آھي اھو انھن جي ونگار وھندو، جيڪڏھن اسان ڊڄندا رھياسين تہ پوءِ ڪڏھن به انھن سان منھن نه ڏئي سگهنداسين

20 ھزار اسڪول ٻوڏ ۾ تباھ ٿي ويا، 2 ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر آھن ان سان ڪرائيم وڌندو، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ھنن وڏيرن جا ٻار ٻاھرين ملڪن ۾ پڙھن ٿا، ھي وڏيرا ڀٽو ، ضياءُ الحق، نواز شريف ۽ اڄ زرداري سان گڏ آھن رياست ھميشه اسٽيٽسڪو چاھيندي آھي، ڪالھ ايران به حملو ڪيو آھي، سان جو ملڪ اڪيلو ٿي ويو آھي

حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندي چيو ته مظلومن کي ورھائي ھي وڏيرا پاڻ ۾ گڏجي اقتدار تي قابض ٿي ويندا آھن، برصغير ۾ ورھاست ٿي ته نھرو جاگيردارن جو خاتمو ڪيو پر اتي وڏيرن مزاحمت ڪئي ۽ اڄ به اتي وڏو تعداد ماڻھو جو گرفتار آھي، اھا ھڪ چين آھي جتي ننڍو وڏيرو به وڏي وڏيري وانگر طاقتور ٿي ويندو آھي

اسان جي سنڌ جي نياڻي ام رباب وڏيرن خلاف آواز اٿاري پاڪستان جو نالو روشن ڪري رھي آھي، ڪراچي ۾ يونٽ ۽ سيڪٽر جو انچارج محلن جا فيصلا ڪندا آھن پوء ٻوريون بند لاش به انھن ئي ڏنا ڇا ھي شھري وڏيرا شاھي ناھي، تقريب ۾ ام رباب، جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان، قانوندان شھاب اوستو، بئريسٽر صلاح الدين پنھور ۽ ٻيا شريڪ ٿيا