سالن تائين ڀارتي هدايتڪار سان محبت ڪئي: ايمان علي

0
263
سالن تائين ڀارتي هدايتڪار

ڪراچي (شوبز نيوز) خوبصورت ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪيترائي سال ڀارتي هدايتڪار جي محبت ۾ گرفتار رهي. ايمان علي تازو هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هوءَ 8 ورهين جي وڏي عرصي تائين ڀارتي فلمن جي هدايتڪار سان ويجهن لاڳاپن ۾ رهي

هن چيو ته مان زندگي ۾ ڪنهن کي اهميت ناهيان ڏيندي، هڪ شخص کي پنهنجو ذهن آئيڊيل بڻائيندو آهي، هو مون لاءِ آئيڊيل هو پر پوءِ مان سوچيو ته هو رڳو هڪ عام ماڻهو آهي، مان اهو نٿي چوان ته هو سٺو انسان ناهي پر ڳالهه نه ٺهي، ڪيترائي مسئلا هئا

سندس چوڻ هو ته ان معاملي جي پاڪستان ۾ ڪنهن کي خبر نه هئي، ڇو ته مان ڪنهن کي نه ٻڌايو هو پر ڀارت ۾ مون کان اڪثر ان حوالي سان سوال ڪيا ويندا هئا، جنهن جو جواب ڏيڻ مان ضروري نه سمجهيو، ڇو ته اهو منهنجو نجي معاملو هو

ميزبان مزاحيا انداز ۾ چيو ته توهان ٻنهي جو نالو هڪ ئي اکر سان شروع ٿيندو آهي، جنهن تي اداڪارا چيو ته ها