پرتگال(اسپورٽس نيوز) پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ هن جي گرل فرينڊ عالمي فيشن آئيڪن 29 سالن جي جارجينا روڊريگز پنهنجو نجي جهاز وڪڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب رونالڊو ۽ جارجينا هاڻي ان جهاز کي پسند نٿا ڪن، جوڙي طرفان ڪاروبار ۽ سفر لاءِ استعمال ڪندڙ ان نجي جهاز جي قيمت 20 ملين يورو آهي. رپورٽن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته رونالڊو ۽ جارجينا سائز ننڍي جهاز مان مطمئن نه آهن ان لاءِ اهي هن کي وڪڻڻ چاهين ٿا. ٻئي طرف ڪرسٽيانو رونالڊ يورو ڪواليفائرز ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي قومي ٽيم جي نمائندگي ڪري رهيو آهي جڏهن ته هن جي گرل فرينڊ جارجينا روڊريگز هنن ڏينهن ۾ پنهنجي نيٽ فلڪس شو جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.