راڻيپور ڀرسان شاھاڻي برادري ۾ جھيڙو، شاگرد قتل

0
294
راڻيپور ڀرسان شاھاڻي

راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير خان شاهاڻي ۾ شاهاڻي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ستين ڪلاس جو شاگرد يقين علي شاهاڻي  قتل ٿي ويو

واقعي واري هنڌ راڻيپور پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، شاهاڻي برادري جا ماڻھو فائرنگ ڪري رهيا هيا، منع ڪرڻ تي اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو ويو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

قاضي احمد ڀرسان هٿياربند هٿان ماءُ ۽ ڀينرن جي سامهون نوجوان قتل