سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ غلام رسول گدارو ۾ ڪڻڪ جي لاباري دوران  گدارا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪھاڙيون، لٺيون ۽ سريا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ امير علي، نظير، بشير احمد ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي تعلقا اسپتال سڪرنڊ آندو ويو، جتان ھڪ زخمي امير علي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو ويو،