نئين دهلي (دلچسپ نيوز)ڀارت ۾ دنيا جي مهانگي ترين رولز روئس گاڏي تي لڳل ٽيڪسي جي بورڊ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سنهري رنگ جي رولز روئس گاڏي تي ٽيڪسي جو بورڊ لڳل آهي.سريس چندر نالي هڪ شخص ٽوئيٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پيلي نمبر واري پليٽ مهانگي ترين گاڏي کي ٽرڪ تي آندو پيو وڃي.ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي هڪ رولز روئس گاڏي جي هڪ وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي.گوتم گوند نالي هڪ ٻئي شخص لکيو آهي ته جي ها! اها گاڏي ڪيرالا جي واپاري بوبي چيمانور خريد ڪئي آهي، جنهن تي ان جي ريزورٽ ۾ ايندڙ سياح سفر ڪري سگهندا.هن رولز روئس ۾ سواري جي قيمت ٻڌائيندي چيو ته ٻن ڏينهن تائين ريزورٽ ۾ قيام ۽ رولس روئس ۾ سفر جي قيمت 25 هزار ڀارتي رپيا رکي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل هڪ ٻي وڊيو ۾ ڀارتي واپاري بوبي چيما کي چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اهي جيڪي ماڻهو رولز روئس جي سواري ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي لاءِ هي هڪ عمده پئڪيج آهي، صرف 25 هزار رپين ۾ رولز روئس جي 300 ڪلوميٽرن تائين سواري جا مزوا وٺي سگهجن ٿا. ان کانسواءِ انهيءَ پئڪيج ۾ ٻن ڏينهن تائين ڪيرالا جي ريزورٽ ۾ رهائش به اختيار ڪري سگهجي ٿي.ڀارتي واپاري جو چوڻ هو ته ان جي ذريعي هن کي ڪو فائدو ناهي پر اهو هڪ نرالو خيال آهي.بوبي چيمانور ٻڌايو ته جيڪڏهن رولز روئس جي نارمل ماڊل جي هڪ ڏينهن جي لاءِ ڪرائي تي حاصل ڪيو وڃي ته ان جي قيمت 4 لک 50 هزار ڀارتي رپيا بڻجي ٿي، جڏهن ته اسان وٽ موجود 12 ڪروڙ رپين جي ماليت جي لميٽيڊ ايڊيشن ۾ سڀئي جديد سهولتون به ميسر آهن.