انقرهه (دلچسپ نيوز) ترڪي ۾ وچ روڊ تي ٺهيل پراسرار قديم قبر جا سوشل ميڊيا تي چرچا ٿيڻ لڳا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ترڪي ۾ هڪ انوکي ۽ پراسرار قبر اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي، سيواس صوبي جي علائقي شرڪيشلا ۾ روڊ جي وچ تي ٺهيل اها پراسرار قبر ڪنهنجي آهي؟ سواليا نشان بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته ان بابت اڃاتائين ڪنهن کي صحيح معلومات ناهي، قبرجي ڪتبي تي هوالباقي لکيل آهي جڏهن ته ان جي هيٺ بسم الله الرحمان الرحيم ۽ بعد ۾ ترڪ ٻولي ۾ گريبان شهيد بابا لکيل آهي. ڳوٺ جي پراڻن رهواسين جي راءِ آهي ته اها پراسرار قبر شرڪيشلا ڳوٺ قائم ٿيڻ کان به اڳ جي آهي، ان ۾ ڪو شهيد دفن ٿيل آهي جڏهن ته ڪجهه رهواسين جي اها پڻ راءِ آهي ته ان قبر ۾ ڪو بزرڳ ۽ دين جو عالم دفن ٿيل آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڳوٺ قائم ٿيڻ کان اڳ اها قبر هڪ خانگي گهر هو، ڳوٺ تعمير ٿيڻ بعد نئين نقشي تحت ان گهر کي ڊاٿو ويو پر قبر کي برقرار رکيو ويو، انتظاميا ان قبر کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪم ڪندڙمزدورن کي عجيب عجيب خواب ڏسڻ ۾ آيا، خواب ڏسڻ بعد مزدورن انکي ڊاهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انتظاميا مزدورن جي انڪار بعد ان قبر کي اصلي حالت ۾ ڇڏي ڏنو، ماڻهو هاڻي ان تي گل رکي فاتحه پڙهن ٿا. چيو پيو وڃي ته ان گهر جي مالڪ کي خواب ۾ هڪ بزرڳ نظر آيو جنهن انکي قبر ڊاهڻ کان منع ڪئي ان مالڪ بعد ۾ اهو گهر وڪڻي ڇڏيو جڏهن ته نئين مالڪ کي پڻ ساڳيو خواب نظر آيو جنهن بعد ان به قبر کي هٿ نه لاٿو.