دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ۽ چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي: نواز شريف

0
77
دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ۽ چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي: نواز شريف
دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ۽ چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي: نواز شريف

مري: نواز ليگ سربراهه نواز شريف چيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي ۽ چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک آهي، مون کي ڪڍندڙ جج اڄ پاڻ استعيفائون ڏئي گهر پيا وڃن، عوام سان گڏجي پاڪستان جي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين سر تعمير ڪنداسين

ميان نواز شريف مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي ڪڍي ان ماڻهوءَ کي آندو ويو جنهن هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو وعدو ڪيو، ڇا ڪنهن کي نوڪري ملي؟ اهي ڪٽا، مرغيون ۽ انڊا ڪيڏانهن ويا؟

هن چيو ته هڪ بلين ٽري جو ڪوڙ ڳالهايو ويو، اعلانيل 50 لک گهرن مان ڪنهن کي هڪ گهر به مليو؟

مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ووٽ رڳو ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهي، ووٽ ذريعي ايندڙ نسلن جي ترقيءَ جو فيصلو ٿيندو آهي، عوام ووٽ سوچي سمجهي ڏئي

هي به پڙهندا

نواز شريف انتظاميا تي دٻاءُ وجهي اليڪشن ۾ گڙٻڙ ڪرڻ چاهي ٿو: بلاول ڀٽو