دادو: نياڻي جو سڱ نه ڏيڻ تان ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪري ويا

0
204
دادو: نياڻي جو سڱ نه

دادو (ن پ ا)  ميهڙ جي ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ جاني چانڊيو ۾ ڌي جو سڱ نه ڏيڻ تي ڀائرن ڀيڻ جي گهر تي ڪاهه ڪري نصرت چانڊيو کي زخمي ڪرڻ بعد سندس زال زهران کي مبينا طور اغوا ڪري ويا

زخمي نصرت چانڊيو نياڻين ۽ گهر ڀاتين سميت دادو پهچي احتجاج ڪندي چيو ته سندس زال زهران جو ڀاءُ غلام قادر چانڊيو 40 سالن جي پٽ خليل لاءِ منهنجي 8 سالن جي ڌيءَ افروز جو سڱ گهريو، نه ڏيڻ تي مڇرجي پيو

هن چيو ته صبح جو فجر ويل گهر تي حملو ڪري 8 سالن جي ڌي کي اغوا ڪرڻ جي ڪئي جنهن وڃي پاڙي جي گهر ۾ پناھ ورتي

هن چيو ته هٿياربندن مان جان جو خطرو آهي ان ڪري دادو پهتا آهيون، زال کي بازياب ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي

ھي به پڙھندا

ميهڙ ويجهو پوليس پاران گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي عورتن جي تذليل