خبردار: بجلي وڌيڪ 7 رپيا مهانگي ٿيڻ جا امڪان

0
160

خبردار: بجلي وڌيڪ

ڪراچي (م ڊ) شهباز حڪومت عوام مٿان بجلي بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون، نيپرا ڪي اليڪٽرڪ ۽ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي منظوري کانپوءِ ڪراچي ۾ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 83 پئسا في يونٽ ۽ باقي ملڪ ۾ 2 رپيا 87 پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان آهي

چيئرمين نيپرا چيو ته قيمتن ۾ واڌ جو اندازو لڳايو ويو آهي، اٿارٽي تفصيلي فيصلو ڊيٽا جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ جاري ڪندي جڏهن ته واڌ صرف هڪ مهيني لاءِ لاڳو ٿيندي