حيدرآباد ۾ ڪڪڙ جو گوشت 850 روپيا في ڪلو وڪرو، انتظاميا خاموش

0
220
حيدرآباد ۾ ڪڪڙ جو گوشت 850 روپيا في ڪلو وڪرو
حيدرآباد ۾ ڪڪڙ جو گوشت 850 روپيا في ڪلو وڪرو، انتظاميا خاموش

حيدرآباد: شهر ۽ ڀرپاسي ڪڪڙ جو گوشت وڪرو ڪندڙ دڪاندارن پاڻمرادو في ڪلو تي 150 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي

شهرين موجب عيدالاضحيٰ کان اڳ شهر ۾ ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 700 رپيا هو، عيد کانپوءِ دڪاندارن پاڻمرادو 150 رپين جي واڌ ڪري في ڪلو 850 رپيا ڪيو

شهرين الزام هنيو ته منافعي خور واپاري عام واهپي جي شين جا اگهه پاڻمرادو وڌائي رهيا آهن، جڏهن ته واپارين جو چوڻ آهي ته فارمن تي جيئري زندهه ڪڪڙ جي کوٽ سبب اگهه وڌيا آهن

دڪاندارن جو چوڻ آهي ته کپت گهڻي هئڻ سبب فارمن وارن زندهه ڪڪڙ جي اگهن ۾ اضافو ڪيو، جيئري ڪڪڙ فارمن تان 500 رپيا في ڪلو جي حساب سان فراهم ٿئي ٿي

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ميئر ڪاشف شورو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن غير فعال بڻيل پرائيز ڪنٽرول ڪميٽيون فعال بڻجي تحرڪ وٺن ۽ لاڳاپيل تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنرز به منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائين