حيدرآباد: ٽرانسفارمر ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي فوت، انگ 10 ٿي ويو

0
288
حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر کي باھ

حيدرآباد(ن پ ا) ٽرانسفارمر ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ زخمي فوت, واقعي۾ فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو، فراز انصاري کي علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هن رات دير سان دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس مڙهه صبح جو لطيف آباد منتقل ڪيو ويو، رات دير سان حيسڪو ملازم فيصل قريشي به فوت ٿيو هو جڏهن ته ڪالهه وسيم ملڪ دم ڏنو، 24 ڪلاڪن ۾ 3 فوتين جا جنازا پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي، واضح رهي ته عيد جي ٻئي ڏينهن 22 جولاءِ تي ٽرانسفارمر لڳائڻ دوران ڌماڪي ۾ حيسڪو جي 5 ملازمن سميت 18 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا. جن مان هيستائين 10 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.