جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد پنچائتي گھٽي ۾ عمير مغل جو 5 مھينن جو گلن جھڙو ٻارڙو عزير مغل ڪمري ۾ اي سي جي پاڻي لاءِ رکيل بالٽي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، جنهن سبب گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، گهر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻار جي پيءُ عمير مغل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بيڊ تي ستل ھئاسين ته ننڊ اچڻ بعد ٻار اوچتو ايئرڪنڊيشن جي پاڻي لاءِ رکيل بالٽي ۾ ڪري پيو، جڏهن سڄاڳي ٿي ته ٻار فوت ٿي چڪو ھو.