دولتپورصفن (ن پ ا) دولتپورصفن ويجھو ڳوٺ مبارڪ ڀٽو ۾ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڏنڊا، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 8 ڄڻا مير خان، حاجي بشير، راشد حسين، نظام الدين، ياسر حسين، اعجاز حسين، زاھد حسين ۽ ارشاد علي ڀٽو زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال آندو ويو، جتان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ سبب نواب شاهه اسپتال نيو ويو.