جيڪب آباد: ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل، ناري مرڻينگ

0
178
جيڪب آباد: ڪارنهن الزام

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جوڙيا چوڪ واري علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ناري زخمي ٿي پئي ۽ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو

 روجهاڻ جمالي واسي مقتول نوجوان ياسين لنڊ جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته عورت گلناز لاشار جي به حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي

 پوليس موجب جوابدار علي بهار لاشاري ڪارنهن الزام هيٺ ڀائيٽي جي زال ۽ نوجوان کي گوليون ھنيون، مقتول جي سئوٽ فدا حسين لُنڊ جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي سئوٽ کي بيگناهه قتل ڪيو آهي