جوتن جو پراڻو جوڙو 26 ڪروڙ رپين ۾ نيلام

0
364
جوتن جو پراڻو جوڙو

لاس ويگاس(دلچسپ نيوز) جوتن جو پراڻو جوڙو 26 ڪروڙ رپين ۾ نيلام ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي باسڪٽ بال رانديگر مائيڪل جورڊن جي جوتن جو جوڙو آمريڪي شهر لاس ويگاس جي نيلام گهر ۾ نيلامي لاءِ رکيو ويو، مشهور رانديگر جوتن جو اهو جوڙو ع 1984 ۾ استعمال ڪيو هو، شڪاگو بلز باسڪٽ بال ٽيم جي رانديگر ڪيترائي رڪارڊ جوڙيا جڏهن ته هن اهو جوتو 21 ورهين جي ڄمار ۾ نائڪي ايئرشپس برانڊ کان تيار ڪرائي پاتو هو.

مائيڪل جورڊن اهو جوتو رڳو 5 ڀيرا پاتو هو جڏهن ته جوتن جي ان جوڙي تي مائيڪل جورڊن جي صحيح پڻ ٿيل آهي. نيلامي ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولي 14 لک 70 هزار ڊالر يعني 26 ڪروڙ رپيا لڳائي وئي. چيو پيو وڃي ته راند جي حوالي سان وڪرو ٿيل شين ۾ اها سڀ کان مهانگي شي آهي.