جنت ۾ وڃڻ لاءِ کائڻ پيئڻ بند، فوتين جو انگ 111 ٿي ويو

0
468

نيروبي (دلچسپ نيوز) ڪينيا ۾ اڳواڻ جي چوڻ تي بک تي رهي مري ويندڙن جو انگ هڪ سئو کان وڌي ويو آهي.ڪينيا جي صدر وليم روٽو جي ترجمان چيو ته 100 کان وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وئي آهي، انهن ماڻهن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته هو هڪ مذهبي فرقي جا پيروڪار هئا جن جي اڳواڻ کين مرڻ گهڙي تائين ماني کائڻ کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

ڪينيا جي اختيارين موجب فوتين جو واسطو هڪ فرقي سان هو جيڪي پاڻ کي گد نيوز انٽرنيشنل چرچ چون ٿا، فرقي جي اڳواڻ پال ميڪنزي اڳڪٿي ڪئي هئي ته دنيا 15 اپريل تي ختم ٿي ويندي ۽ پنهنجي پوئلڳن کي هدايت ڪئي هئي ته هو جنت ۾ داخل ٿيندڙ پهريون فرد بڻجڻ لاءِ پاڻ کي بک تي رهي موت جي منهن ۾ وجهن. کائڻ پيئڻ بند ڪري موت جي منهن ۾ ويندڙن جو انگ 111 ٿي ويو آهي ۽ اهڙي انگ ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي

اهو واقعو جديد تاريخ ۾ مذهبي فرقن بابت بدترين آفتن مان هڪ سمجهيو پيو وڃي. ميڪنزي هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهي، هن پنهنجي خلاف لڳايل الزامن تي عوامي طور تي ڪو به تبصرو ناهي ڪيو ۽ نه ئي هن ڪنهن مجرماڻي الزام خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي.

سندس دفاع ڪندڙ ٻن وڪيلن تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ميڪ ڪينزي ۽ 17 شريڪ جوابدار جمعي تي ممباسا جي عدالت ۾ پيش ٿيا.صدارتي ترجمان حسين محمد ڪاميتي جي اعلان دوران چيو ته صدر روٽو مذهبي ادارن جي ڪم کي منظم ڪندڙ ڪنٽرولز جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو آهي