ڪراچي: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاج ۾ طبيعت ناساز هجڻ باوجود جلال محمود شاهه شريڪ ٿيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سندس پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر حيدر شاهاڻي شريڪ ٿيو، *جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سالي جي لاڏاڻي سبب شرڪت نه ڪئي، سندس پارٽي جي نواز شاهه ڀاڏائي نمائندگي ڪئي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر جلال محمود شاهه کي سهارو ڏئي اسٽيج تي آندو ويو، جتي هن ڪرسي تي ويهي مختصر خطاب ڪندي چيو ته سندس طبيعت ناچاق آهي، انهي ڪري هو گهڻو ڳالهائي نٿو سگهي،  هو ٻن ڪلاڪن تائين  اسٽيج تي موجود رهيو.