تيل سستو ٿيڻ باوجود عوام کي رليف نه مليو، عام واهپي واريون شيون مهانگي اگهن تي وڪرو

0
166
تيل سستو ٿيڻ باوجود عوام کي رليف نه مليو، عام واهپي واريون شيون مهانگي اگهن تي وڪرو
تيل سستو ٿيڻ باوجود عوام کي رليف نه مليو، عام واهپي واريون شيون مهانگي اگهن تي وڪرو

لاهور (م ڊ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ باوجود عوام کي رليف نه ملي سگهيو، عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي

تفصيل موجب راولپنڊي جي آچر بازار ۾ ادرڪ 4 سئو 50 رپيا، بصر 200 رپيا، پٽاٽا 100 رپيا، ٽماٽا 100 رپيا، بند گوبي هڪ سئو ويهه رپيا، ٿوم 5 سئو رپيا ڪلو وڪرو ٿي، شهرين جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شيون ۽ ڊالر جي قيمتن ۾ لاٿ جو عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو پهچي ٿو.  عام واهپي جون شيون ته اسان جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن

آچر بازار ۾ فروٽ جي  اگهن ۾ به لاٿ نه اچي سگهي. صوف 150 کان 300 رپيا، ڏاڙهون 350 رپيا ڪلو ۽ انگور 200 کان 350 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا، واپاين جو چوڻ آهي ته جيستائين پيٽروليم شين سان گڏ ٽرانسپورٽر ڀاڙا گهٽ نه ڪندا تيستائين شين جي قيمتن ۾ لاٿ نٿا ڪري سگهون