توشه خانه ڪيس: جيڪي به ماڻهو تحفا گهر کڻي ويا آهن انهن کان واپس ورتا وڃن: جسٽس ميان گل حسن

0
233
توشه خانه ڪيس: جيڪي

اسلام آباد هاءِ (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن توشه خانه ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته جيڪو به تحفو ڏنو وڃي ٿو اهو آفيس جو هوندو آهي، گهرکڻي وڃڻ لاءِ نه، جيڪي ماڻهو تحفا گهر کڻي ويا آهن انهن کان واپس ورتا وڃن

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مليل تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ وفاق طرفان ڊپٽي اٽارنجي جنرل ارشد ڪياني عدالت ۾ پيش ٿي ڪري حڪومت کان هدايتون وٺڻ جي لاءِ مهلت طلب ڪئي

انفارميشن ڪميشن وزيراعظم کي توشه خانه مان مليل تحفن جا تفصيل شهري کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ ڪابينا ڊويزن انفارميشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرايل آهي

ڪابينا ڊويزن جو موقف آهي ته ملڪن جي سربراهن جي وچ ۾ تحفن جي مٽاسٽا بين الصوبائي لاڳاپن جي عڪاسي آهي ان ڪري تحفن جا تفصيل ڏيڻ سان انهن ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا

ٻڌڻي دوران رانا عابد ايڊووڪيٽ چيو ته درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تحفن بابت معلومات شيئر ڪرڻ سان ٻين ملڪن سان لاڳاپا متاثر ٿيندا، هاڻي جڏهن تحفن جي وڪري جو مامرو سامهون آيو آهي ته ڪهڙي عزت رهجي ويندي

جنهن تي عدالت عمران خان کي مليل تحفن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي حڪم تي ڪو به روڪٿام ناهي ٿيو، ڪيبينيٽ ڊويزن معلومات فراهم ڪرڻ جي پابند آهي

ان موقعي تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، وزيراعظم آفيس اتي رهي ٿي، جيڪو به تحفو ڏنو وڃي ٿو اهو ان آفيس جو آهي، گهرکڻي وڃڻو ناهي، جيڪي گهر کڻي ويا انهن کان به واپس وٺو

ھي به پڙھندا

پيٽرول ۽ بجلي گهٽ اگهه تي ڏئي رهيا آهيون، مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا: شاهد خاقان عباسي