تنقيد کان گهٻرائڻ وارا ناهيون، نظام ۽ قانون بچائڻ لاءِ ڪارروايون ڪيون پيا: سپريم ڪورٽ

0
241
سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪنهن جي تنقيد کان گهٻرائڻ وارا ناهيون،عدالت ڪڏهن به فيصلا ڪرڻ وقت نه گهٻرائيندي آهي،هي ڪارروائي فوجداري نظام ۽ قانون جي حڪمراني بچائڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون، ٻڌڻي جو مقصد ڪنهن کي خفا ڪرڻ ناهي، اُميد ته وفاقي سرڪار پوليس سان سهڪار ڪندي

سپريم ڪورٽ ۾ جاچ ادارن ۾مبينا مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جا ريمارڪس ڏنا آهن ته رپورٽس موجب وزيراعظم خلاف جاچ ڪندڙ آفيسرز کي بدلي ڪيو ويو آهي،ٻڌايو وڃي هاءِ پروفائيل ڪيسز ۾ آفيسرز جون بدليون ۽ مقرريون ڇو ٿيون آهن؟

چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب! اي سي ايل مان 4 هزار کان وڌيڪ نالا ڪڍيا ويا، ٻڌايو ته نالا ڪڍڻ جو طريقيڪار ڇا هو؟ وضاحت ڪريو ته ڪيسز ۾مداخلت ڇو ٿي رهي آهي