ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تازو ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جون مٿين عهدن تي مقرريون ويون آهن.  تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ محمد علي کوسو  کي  سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن مقرر  ڪيو ويو آهي. جڏهن ته  19 هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙ شاهد علي شاهه کي سنڌ سمال انڊسٽري جو ايم ڊي ،  ممتاز علي چنا کي ميمبر وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم، ضمير احمد جاگيراڻي کي سکر ۾ ريجنل روينيو آفيسر، سيد غلام مهدي شاهه کي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ مقرر ايڊيشنل سيڪريٽري بدرالدين شيخ کي صحت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. بحالي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري لياقت ڀٽي کي بدلي ڪري سندس خدمتون صحت کاتي حوالي ڪيون ويون آهن. جيڪب آباد جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-2 سيد علي رضا شاهه کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي خيرو مقرر ٿيو آهي.