بنگلاديش جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو، ڏاهاڻي جو ڊيبيو

0
551
بنگلاديش جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو، ڏاهاڻي جو ڊيبيو
بنگلاديش جو پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو، ڏاهاڻي جو ڊيبيو

ڪراچي(م ڊ) بنگلاديش پاڪستان خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي

پاڪستان جو نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي اڄ ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو ڪري رهيو آهي جڏهن ته آل رائونڊر شعيب ملڪ پنهنجي پُٽ جي خراب صحت سبب بنگلاديش خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي تان دستبردار ٿي ويو

ان کان علاوه افتخار احمد، عثمان قادر ۽ سرفراز احمد به اڄوڪي ميچ ۾ ٽيم ۾ شامل آهن، جڏهن ته فخر زمان، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي ۽ شعيب ملڪ کي پلئنگ اليون ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان ٻه ميچون کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي